ڀتر ول

ڀتر ول

ڀتر ول

ڀتر ول Milkweed (Launaca Nuricanlis ):ڀتر ول سرءَ يا سياري ۾ ٿوري مينهن پوڻ سان سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي، ٿر ۽ ڪوهستان واري ناهموار زمين ۾ سنڌ جي ٻي اوڀڙ (Flora of Indus) سان گڏ عام جام نظر ايندي آهي. هي سورج مکيءَ جي ڪٽنب سان تعلق رکندڙ ۽ ان جي ڄامڙي يا بوني (Dwarf) ۽ جهنگلي ول آهي. سانوڻيءَ جي وسڪاري کان پوءِ سرءُ ۾ پوٺن، سيمن، ڏهرن، تل ۽ تراين سان گڏ اڻ صاف کيتن جي اڏن ۽ واهن جي ڪپرن سان گڏ پيلن گلن سان جهنجيل ڀتر ول، سموري گئوچر ۾ نروار نظر ايندي آهي. مشهور شاعر نياز همايونيءَ پنهنجي شعري مجموعي ”ڌرتيءَ جا گيت“ ۾ انهيءَ ڀتر ول کي جوانيءَ سان تشبيهه ڏني آهي.
ڀتر ول جان وهي ڦلاري،
پوپٽ وانگي نيهن به آيو.


لفظ ڀتر ولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو